تنگواڻي ڀرسان نندواڻي ۽ جعفري برادري ۾ زميني تڪرار جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
جمال واري علائقي ۾ زميني تڪرار تان نندواڻي ۽ جعفري برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب ڪانڊيرو نندواڻي مارجي ويو ۽ ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
جهيڙي کانپوءِ مارجي ويل جو مڙهه ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال آندو ويو.
هوڏانهن هڪ ڄڻي جي قتل بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون ۽ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.
ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿيو آهي، جنهن ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو آهي.