ڦر وارداتن دوران مزاحمت ڪرڻ تي 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا آهن.
ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته انڊس هاءِ وي تي صيفل اسٽاپ وٽ ٻن ڏينهن دوران پنجن ڳوٺاڻن کان موٽرسائڪلون ڦر ڪيون ويون آهن.
ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پوليس جي نااهلي سبب شهري غير محفوظ بڻيل آهن.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شهر ۾ امن بحال ڪرائي ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرايون وڃن.