- Advertisement -
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته توانائي جي شعبي ۾ نيشنل ٽاسڪ فورس جوڙيو ويو آهي، توانائي جو شعبو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، جيترو جلد هو شين کي ٺيڪ ڪندا اوترو ئي جلد معيشيت بهتر ٿيندي.
اسلام آباد ۾ نيشنل ٽاسڪ فورس ۽ اسٽرڪچرل ريفارمز ڪميٽي جي اجلاس بعد خاص مددگار محمد علي ۽ توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري ٽاسڪ فورس ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو.
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته توانائي جي شعبي ۾ نيشنل ٽاسڪ فورس جوڙيو ويو آهي، توانائي جو شعبو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، جيترو جلد هو شين کي ٺيڪ ڪندا اوترو ئي جلد معيشيت بهتر ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته پاور سيڪٽر سان لاڳاپيل سمورا ادارا ٽاسڪ فورس ۾ شامل آهن، ملڪ کي توانائي جو هڪ صحت مند شعبو ڏيندا.
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهن، 20 نقاطي سڌارن جي شروعات وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهيءَ ۾ ٿي چڪي آهي، وزيراعظم جي ويزن موجب سمورين وزارتن کي گڏجي سڌارن تي عمل ڪرڻو آهي.
خاص مددگار محمد علي چيو ته آءِ پي پيز ۽ پيدواري لاڳت سان لاڳاپيل مسئلن کي ڏسي رهيا آهن ته ڪهڙي طرح حڪومت ۽ واهپيدارن تي ٻوجهه گهٽ ٿي سگهي ٿو، ٽاسڪ فورس جو اجلاس روزانو جي بنياد تي ٿيندو جنهن ۾ اڳڀرائي بابت عوام کي آگاهه ڪيو ويندو……..- Advertisement -
