تازه ترين

جيڪي شريعت ۽ آئين کي نه ٿا مڃن هو انهن کي پاڪستاني تسليم ٿا ڪن: آرمي چيف جنرل عاصم منير

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته جيڪي شريعت ۽ آئين کي نه ٿا مڃن هو انهن کي پاڪستاني تسليم ٿا ڪن، جيڪي اهو چوندا هئا ته ٻه قومي نظريي کي نار بنگال ۾ ٻوڙي ڇڏيو، اڄ اهي ڪٿي آهن؟ پاڪ فوج آلله جي حڪم موجب وڳوڙين جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي،  ڪنهن به پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته رب جو قسم هو سندس آڏو بيٺل هوندا، دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي نقصان نه ٿي  پهچائي سگهي، ڇاڪاڻ  ته هي ملڪ قائم رهڻ لاءِ ٺهيو آهي. اسلام آباد ۾ نيشنل علماءَ ڪنويشن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان 40 ورهين کان وڌيڪ عرصو لکين افغانين جي مهمانوازي ڪئي. هن چيو ته هو افغانين کي سمجهائي رهيا آهن ته فتنو پکيڙيندڙن خاطر پنهنجي پاڙيسري ۽ اسلامي ملڪ جي مخالفت نه ڪن. پاڪ فوج جي سپهه سالار چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پختون ڀائرن ۽ خيبرپختونخوا جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. آرمي چيف چيو ته دين ۾ ڏاڍ ناهي، ڏوهاري ۽ سمگلر مافيا دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪري رهي  آهي. سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا ذريعي ڏڦيڙ پکيڙيو ويندو آهي. جنرل عاصم منير چيو ته رسول صلعم جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ جي ڪنهن ۾ جرئت ناهي. هن چيو ته ڪنهن به پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته رب جو قسم هو سندس آڏو بيٺل هوندا. آرمي چيف چيو ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي نقصان نه ٿي  پهچائي سگهي، ڇاڪاڻ  ته هي ملڪ قائم رهڻ لاءِ ٺهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان تي لکين عاصم منير، لکين سياستدان ۽ لکين عالم قربان، ڇاڪاڻ ته پاڪستان سڀني کان وڌيڪ اهم آهي. جنرل عاصم منير چيو ته رياست جي اهميت ڄاڻڻي آهي ته عراق، شام ۽ لبيا کان پڇو،  عالمن ۽ اسڪالرن کي اپيل آهي ته اهي شدت پسندي يا وڇوٽين بدران صبر ۽ اتحاد جو درس ڏين. آرمي چيف چيو ته عالمن کي گهرجي ته اهي معاشري ۾ اعتدال پسندي آڻڻ ۽ فساد في الارض کي ناڪام بڻائن. جنرل عاصم منير چيو ته  اولهه جي تهذيب ۽ رهڻي ڪهڻي سندن آئيڊيل ناهي، کين پنهنجي تهذيب تي فخر هجڻ گهرجي. آرمي چيف چيو ته جيڪي اهو چوندا هئا ته ٻه قومي نظريي کي نار بنگال ۾ ٻوڙي ڇڏيو، اڄ اهي ڪٿي آهن؟ جنرل عاصم منير چيو ته ڪشمير پاڪ هند ورهاڱي جي اڻپوري ايجنڊا آهن. آرمي چيف چيو ته فلسطين ۽ غزا تي ظلم ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿو، فسلطين مان کين سبق ملي ٿو ته کين پنهنجي حفاظت پاڻ ڪرڻي آهي ۽ پاڪستان کي مضبوط بڻائڻو آهي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
55 %
2.6kmh
8 %
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون