توشا خانا ڪيس ۾ پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواري بشريٰ بيبي جي گرفتاري گهري ورتي، عدالت سندس ضمانت ۾ 12 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ توشاخانه ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا ڪئي، جنهن ۾ بشريٰ بيبي پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾پيش ٿي.
ٻڌڻي دوران پوليس بشريٰ بيبي جي گرفتاري جي گهر ڪندي چيو ته بشريٰ بيبي جي گرفتاري گهرجي ٿي، سندس آڊيو ايف آءِ اي کي فارنزڪ لاءِ موڪلي آهي.
بشريٰ بيبي جي وڪيل سلمان صفدر دليل ڏنا ته جاچ لاءِ گهرائي ٽي ٽي ڪلاڪ ويهاريو وڃي ٿو، جاچ دوران به ٻڌايو ته آڊيو بشريٰ بيبي جي ناهي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته معاملو رسيدن جو آهي ته آڊيو ڪٿان آئي، داخل ڪيس موجب ۾ ڪارروائي هلائي وڃي.
جاچ آفيسر عدالت کي درخواست ڪئي ته بشريٰ بيبي جي وائس ميچنگ لاءِ وقت ڏنو وڃي.
عدالت بشريٰ بيبي جي وڪيل دليلن بابت مهلت جي درخواست منظور ڪندي ضمانت ۾ 12 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.