احتساب عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواري بشريٰ بيبي جي توشا خاني ۽ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ ضمانت 15 نومبر تائين وڌائي ڇڏي آهي.
اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواري بشريٰ بيبي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
نيب پراسيڪيوٽر بيان ڏنو ته بشريٰ بيبي ٽيون ڀيرو ضمات واري درخواست داخل ڪرائي آهي، گذريل ٻه ڀيرا ضمانت واري درخواست اڪلائي وئي هئي ۽ نيب چيو ته بشريٰ بيبي جي گرفتاري گهربل ناهي، هن ساڳئي ئي گرائونڊ تي ٻيهر درخواست داخل ڪرائي آهي.
بشريٰ بيبي جي وڪيل چيو ته بشريٰ بيبي کي گهٽ ۾ گهٽ نوٽس تي اڳ ۾ ڏنو وڃي.
نيب جي جاچ آفيسر پنهنجو بيان عدالت ۾ جمع ڪرايو، جنهن ۾ چيو ويو ته بشريٰ بيبي جي گرفتاري گهربل ناهي.
دليل ٻڌڻ بعد احتساب عدالت بشريٰ بيبي جي توشا خاني ۽ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ ضمانت 15 نومبر تائين وڌائي ڇڏي.