تازه ترين

توشه خانه ڪيس: احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم جي ضمانت منظور ڪندي سندس اشتهاريءَ واري حيثيت ختم ڪري ڇڏي

احتساب عدالت توشا خانه ڪيس ۾ ن ليگ جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي ضمانت منظور ڪندي سندس اشتهاريءَ واري حيثيت ختم ڪري ڇڏي، جڏهن ته اسلام آباد هائيڪورٽ ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف جي حفاظتي ضمانت ۾ 26 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پيش ٿيو.

عدالت ۾ نوازشريف جي ضمانتيءَ طور ليگي اڳواڻ طارق فضل چوڌري کي مقرر ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران نوازشريف جي وڪيل سياسي دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي عدالت جي جج کيس سياسي دليلن کان روڪي ڇڏيو.

عدالت توشا خانه ڪيس ۾ نوازشريف جي ضمانت منظور ڪندي ڏهن لکن جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته احتساب عدالت نوازشريف جو اشتهاريءَ وارو اسٽيٽس ختم ڪري ڇڏيو آهي.

بعد ۾ احتساب عدالت توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي 20 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هوڏانهن اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سرنڊر ڪرڻ لاءِ احتساب اسلام آباد هائيڪورٽ پهتو.

اسلام آباد هائيڪورٽ نوازشريف جون اپيلون بحال ڪرڻ وارين درخواستن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪيو.

نوازشريف جي ڪيس جي ٻڌڻيءَ لاءِ عدالتي عملي ڪمرو خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

عدالتي اسٽاف چيو ته ڪورٽ روم خالي نه ٿيڻ تائين ٻڌڻي نه ٿيندي، هائيڪورٽ بار جي صدر نويد ملڪ ۽ عطا تارڙ به وڪيلن کي عدالتي ڪمرو خالي ڪرڻ جي  درخواست ڪئي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون