تازه ترين

بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا

بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا، وڏي وزير سرفراز بگٽي نوشڪي ۾ فائرنگ ۾ 11 ڄڻن جي مارجڻ جي مذمت ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي معاف نه ڪيو ويندو، معصوم ماڻهن تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن جو پيڇو ڪيو ويندو، دهشتگردي جي واقعن جو مقصد بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ آهي.

بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته قومي شاهراهه تي هٿياربندن مسافر بس مان 9 پورهيتن کي اغوا ڪرڻ بعد جبل طرف وٺي ويا.

پوليس موجب، مسافر بس ڪوئيٽا کان تفتان وڃي رهي هئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند اغوا ڪيل 9 ڄڻن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته لاش جبل ويجهو پل هيٺيان مليا.

پوليس موجب، مارجي ويل پورهيتن جو تعلق منڊي بهاءُ الدين، گوجرانوالا ۽ وزيرآباد سان آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته نوشڪي ۾ قومي شاهه تي هٿياربندن جي گاڏي تي فائرنگ جي ٻئي واقعي ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 5 زخمي ٿي پيا.

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي نوشڪي ۾ فائرنگ ۾ 11 ڄڻن جي مارجڻ جي مذمت ڪئي آهي.

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي معاف نه ڪيو ويندو، معصوم ماڻهن تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن جو پيڇو ڪيو ويندو، دهشتگردي جي واقعن جو مقصد بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
50 %
0.9kmh
65 %
آچر
25 °
سُومر
30 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون