- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا، وڏي وزير سرفراز بگٽي نوشڪي ۾ فائرنگ ۾ 11 ڄڻن جي مارجڻ جي مذمت ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي معاف نه ڪيو ويندو، معصوم ماڻهن تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن جو پيڇو ڪيو ويندو، دهشتگردي جي واقعن جو مقصد بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ آهي.
بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته قومي شاهراهه تي هٿياربندن مسافر بس مان 9 پورهيتن کي اغوا ڪرڻ بعد جبل طرف وٺي ويا.
پوليس موجب، مسافر بس ڪوئيٽا کان تفتان وڃي رهي هئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند اغوا ڪيل 9 ڄڻن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته لاش جبل ويجهو پل هيٺيان مليا.
پوليس موجب، مارجي ويل پورهيتن جو تعلق منڊي بهاءُ الدين، گوجرانوالا ۽ وزيرآباد سان آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوشڪي ۾ قومي شاهه تي هٿياربندن جي گاڏي تي فائرنگ جي ٻئي واقعي ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي نوشڪي ۾ فائرنگ ۾ 11 ڄڻن جي مارجڻ جي مذمت ڪئي آهي.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي معاف نه ڪيو ويندو، معصوم ماڻهن تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن جو پيڇو ڪيو ويندو، دهشتگردي جي واقعن جو مقصد بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ آهي.- Advertisement -
