جسٽس يحيٰ آفريدي پاڪستان جي ٽيهين چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو.
نئين چيف جسٽس جي قسم کڻڻ واري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي.
تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، گورنر پنجاب سليم حيدر ۽ گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي شرڪت ڪئي.
تقريب دوران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، اٽارني جنرل، سپريم ڪورٽ جي جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس اطهر من الله ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.
صدر آصف علي زرداري، جسٽس يحيٰ آفريدي کي عهدي جو قسم کڻايو.
قسم کڻڻ بعد صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف، نئين چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان هٿ ملايو ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني.
26هين آئيني ترميم لاڳو ٿيڻ بعد پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي جسٽس يحيٰ آفريدي کي چيف جسٽس لاءِ نامزد ڪيو هو.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي 23 جنوري 1965ع تي ڊيرا اسماعيل خان ۾ پيدا ٿيو، سندس تعلق ڪوهاٽ جي آدم خيل قبيلي سان آهي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي شروعاتي تعليم ايچي سن ڪاليج لاهور مان حاصل ڪئي ۽ گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيٽ مڪمل ڪئي.
جسٽس يحيٰ آفريدي پنجاب يونيورسٽي مان معاشيات ۾ ماسٽرز ۽ ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ تي ڪيمبرج يونيورسٽي مان ايل ايل ايم جي ڊگري حاصل ڪئي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي 1990 ۾ پنهنجي قانوني ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ 2004ع ۾ سپريم ڪورٽ جو وڪيل ٿيو، هو ڪي پي جو اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل به رهيو.
2010ع ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي پشاور هائيڪورٽ جو ايڊيشنل جج مقرر ٿيو ۽ 2016ع ۾ پشاور هائيڪورٽ جو چيف جسٽس بڻيو، جڏهن ته 2018ع ۾ کيس سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي ڪيريئر دوران ڪيترن ئي اهم ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ڪيترائي فيصلا ڏنا.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر امن الله هڪ ئي لا فرم ۾ پارٽنر به رهيا آهن.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي 3 نومبر 2007ع جي ايمرجنسي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو.
آرٽيڪل 6 تحت خصوصي عدالت قائم ڪئي وئي جنهن ۾ پرويز مشرف جو ڪيس هلي رهيو هو، جسٽس يحيٰ آفريدي کي 3 رڪني بينچ جو سربراهه بڻايو ويو ته پرويز مشرف جي وڪيلن طرفان اعتراض ڪيو ويو ته هو پرويز مشرف جي قدمن خلاف درخواست ڏيندڙ رهي چڪو آهي، ان لاءِ هو هي ڪيس نٿو ٻڌي سگهي، جنهن بعد جسٽس يحيٰ آفريدي پاڻ کي ڪيس کان ڌار ڪري ورتو هو.
جسٽس يحيٰ آفريدي مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ 8 ججن جي اڪثريت جي فيصلي خلاف فيصلو ڏنو هو ۽ اختلافي نوٽ به جاري ڪيو هو.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي خلاف صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بينچ ۾ به شامل هو.
جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس 2024 جي 3 رڪني ججز ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪئي هئي.