تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ام رباب چانڊيو جي ٽن گھرڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 8 نومبر تائين ملتوي

- Advertisement -
دادو جي عدالت ام رباب چانڊيو جي ٽن گھرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ ڊجيٽل انويسٽيگيشن اسيل انچارج جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 8 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو، والد مختيار چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو، فريادي پرويز چانڊيو سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي. الزام هيٺ آيل پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو، ان وقت جو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو ۽ ستار چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا. ڪيس ۾ گرفتار جوابدار علي گوھر چانڊيو، مرتضيٰ، سڪندر ۽ ذوالفقار چانڊيو کي جيل پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو. ڊجيٽل انويسٽيگيشن سيل انچارج عاصم حسين موڪل تي هئڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو، کيس اڄ بيان رڪارڊ ڪرائڻو هو. عدالت ڊجيٽل انويسٽيگيشن سيل انچارج جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 8 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته ڪيس تيزي سان هلي رهيو آهي، اميد آهي ته جلد فيصلو ايندو، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي. ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته ڪيس ۾ گرفتار جوابدار سڪندر چانڊيو کي ويجهي مائٽ جي لاڏاڻي جو سبب ڄاڻائي گهرو کاتي پيرول تي آزاد ڪيو آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته کين وڌيڪ هيسايو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
18.6 ° C
18.6 °
18.6 °
48 %
3.7kmh
100 %
جمعو
19 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون