تازه ترين

جماعت اسلامي امير سراج الحق پارٽي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

عام چونڊن ۾ بدترين شڪست تي استحڪام پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين، جماعت اسلامي امير سراج الحق پارٽي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

آءِ پي پي سربراهه جهانگير ترين هڪ بيان ۾ چيو ته  پارٽي جي قيادت ۽ سياست ڇڏي رهيو آهي ووٽ ڏيندڙن جو ٿورائتو ۽ مخالفن لاءِ  دعاگو آهي.

هن چيو ته  الله ڪري ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهي وڃي، ذاتي حيثيت سان ملڪ جي خدمت ڪندو رهندو.

سندس چوڻ هو ته هو عام چونڊن ۾ عوامي راءِ جو احترام ڪري ٿو.

جماعت اسلامي امير سراج الحق به پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

هڪ بيان ۾ جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو ته  عام چونڊن ۾ شڪست جي ذميواري قبول ڪندي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته  جماعت اسلامي عام چونڊن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهي تنهن ڪري پنهنجي ناڪامي قبول ڪري ٿو.

سراج الحق چيو ته ذميواري قبول ڪندي جماعت اسلامي جي امير جو عهدو ڇڏي رهيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
59 %
2.8kmh
56 %
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
26 °

تازه ترين خبرون