تازه ترين

جماعت اسلامي امير سراج الحق پارٽي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
عام چونڊن ۾ بدترين شڪست تي استحڪام پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين، جماعت اسلامي امير سراج الحق پارٽي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. آءِ پي پي سربراهه جهانگير ترين هڪ بيان ۾ چيو ته  پارٽي جي قيادت ۽ سياست ڇڏي رهيو آهي ووٽ ڏيندڙن جو ٿورائتو ۽ مخالفن لاءِ  دعاگو آهي. هن چيو ته  الله ڪري ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهي وڃي، ذاتي حيثيت سان ملڪ جي خدمت ڪندو رهندو. سندس چوڻ هو ته هو عام چونڊن ۾ عوامي راءِ جو احترام ڪري ٿو. جماعت اسلامي امير سراج الحق به پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو ته  عام چونڊن ۾ شڪست جي ذميواري قبول ڪندي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته  جماعت اسلامي عام چونڊن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهي تنهن ڪري پنهنجي ناڪامي قبول ڪري ٿو. سراج الحق چيو ته ذميواري قبول ڪندي جماعت اسلامي جي امير جو عهدو ڇڏي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33 ° C
33 °
33 °
21 %
3.6kmh
0 %
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون