تازه ترين

جماعت اسلامي جو ڪم ٻين جي ڪمن تي پنهنجون تختيون لڳائڻ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ آهي :گنهور خان اسراڻ

سنڌ حڪومت جي ترجمان گنهور خان اسراڻ جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي جو ڪم ٻين جي ڪمن تي پنهنجون تختيون لڳائڻ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ آهي.

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان گنهور خان اسراڻ چيو ته جڏهن ماڻهو ڏک ۽ سوڳ ۾ هوندا آهن، جماعت اسلامي سندن تڪليف کي پنهنجي سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ استعمال ڪندي آهي.

سندس چوڻ هو ته جماعت اسلامي لساني سياست کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.

هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو، خاص طور تي ڪراچي جا ماڻهو باخبر آهن ۽ اهڙن منفي حربن جو مناسب جواب ڏيندا، عوام ڄاڻي ٿو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن.

گهنور خان اسراڻ چيو ته سنڌ حڪومت روڊن جي تعمير، ٽرانسپورٽ منصوبن ۽ بنيادي سهولتن جي بهتري تي مڪمل ڌيان ڏئي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته ٽريفڪ هڪ پيچيده مسئلو آهي، سرڪاري ادارا ٽريفڪ پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي ترقياتي نه ٿي ڪرائي ته پوءِ جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم هر ترقياتي منصوبي تي پنهنجو بينر ڇو لڳائيندو آهي.

گهنور خان اسراڻ چيو ته جماعت اسلامي کي بي بنياد الزامن بدران سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي ته جيئن عوام جي ڀلائي لاءِ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي………..

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون