تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

جماعت اسلامي عدليا، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ادارن کان غير جانبدار رهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

جماعت اسلامي عدليا، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ادارن کان غير جانبدار رهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سراج الحق جو چوڻ آهي ته عدليا، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻيا ادارا غير جانبدار رهن ته ملڪ ترقي ڪندو، ملڪي معيشيت تباهه ٿي وئي آهي، ملڪ جو ٻچو ٻچو آءِ ايم ايف جو قرضي بڻجي ويو آهي، اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف جي چوڻ تي هر عمل لاءِ تيار رهيو، 16 مهينن جي حڪومت ۾ شهباز شريف رڳو قرض وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو باقي ڪجهه نه ڪيو.

سکر ۾ هائيڪورٽ بار کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته وڪيل معاشري جو اهم حصو آهن، وڪيل غريبن جا همدرد ۽ ظلم سان وڙهڻ وارا آهن، بار ۾ حقيقي جمهوريت آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪنهن جنرل يا سياستدان نه پر وڪيل ٺاهيو آهي، وڪيل کي ملڪ کي بچائيندا، بار ۽ سياسي ماڻهن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.

 جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته آزادي نعمت آهي، 70 ورهين ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ڏسڻو پوندو، ملڪ ۾ انصاف جي کوٽ آهي جنهن لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، ملڪ ۾ هو پاڻ محفوظ ناهي، مٿس حملو ٿيو ته شهباز شريف چيو جاچ ڪرائي ويندي پر اڃا تائين ڪجهه ناهي ٿيو.

هن چيو ته فاطما ڦرڙو کي قتل ڪيو ويو، ڊاڪٽر ۽ هندو اغوا ٿي رهيا آهن پر هتان جي پوليس چئي ته ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن، پوليس کي 2 ڪلو ميٽر پري نشانو بڻايو پيو وڃي.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته آئين ۽ قانون جي حڪمراني سان ئي امن قائم ٿي سگهي ٿو، نگران حڪومت ڪجهه نٿي ڪري سگهي، جماعت اسلامي 90 ڏينهن ۾ اليڪشن جو مطالبو ڪري ٿي.

سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج سياسي پارٽين جو حصو نه ٿئي پر نيوٽرل رهي، سپريم ڪورٽ ۾ هر جج جي چهري کي ڏسي پارٽي جو نالو ٻڌايو وڃي ٿو اهو قوم لاءِ موت برابر آهي.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته عدليا، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻيا ادارا غير جانبدار رهن ته ملڪ ترقي ڪندو، ملڪي معيشيت تباهه ٿي وئي آهي، ملڪ جو ٻچو ٻچو آءِ ايم ايف جو قرضي بڻجي ويو آهي، اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف جي چوڻ تي هر عمل لاءِ تيار رهيو، 16 مهينن جي حڪومت ۾ شهباز شريف رڳو قرض وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو باقي ڪجهه نه ڪيو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
45 %
1.2kmh
21 %
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
30 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون