جمهوريت جي بقا لاءِ هو عوام جي عدالت ۾ وڃي رهيا آهن: لطيف کوسا

- Advertisement -
تحريڪ انصاف اڳواڻ لطيف کوسا چيو آهي ته جمهوريت جي بقا لاءِ هو عوام جي عدالت ۾ وڃي رهيا آهن، سپريم ڪورٽ کي ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي، ٻڌايو وڃي ته ساڻن ڪهڙي قسم جي مذاق ڪئي پئي وڃي، 13 جنوري جي فيصلي سان تحريڪ انصاف جا ترا ئي نڪري ويا آهن، اليڪشن ۾ برابري جا موقعا ڏيڻ بدران پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، بيٽ جو نشان کسجڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جو ووٽر مونجهاري جو شڪار آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته صاف شفاف چونڊن ۽ ليول پليئنگ فيلڊ جو چيو هو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جا بخيا اڊيڙيا ويا، سندن اميدوارن ۽ حمايتن کي کنيو ويو، پوليس جي وڏي نفري ۽ آفيس ٻاهران لڳل رهي، گڏ هلندڙ وڪيلن کي گرفتار ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو موقعو آيا، نامزدگي ڪاغذ ڦاڙيا ويا ۽ تشدد ڪيو ويو، ايم پي او لڳائي اميدوار گرفتار ڪيا ويا، ڊي سي ايم پي او جاري ڪيا اهو ئي ڊي آر او آهي، جلسا ڪرڻ نٿا ڏين، گهر ڊاهي رهيا آهن. تحريڪ انصاف اڳواڻ لطيف کوسا چيو ته سپريم ڪورٽ جي نوٽيس ۾ آندو ويو ته اوهان جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، پنجاب حڪومت جي اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته ڪو واقعو ٿيو ئي ناهي، سندس پٽ کي سندس آفيس ٻاهران گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته چيف جسٽس جي عظمت کي سلام ۽ هو چئي ٿو ته ٽي وي ڏسندو ئي ناهي، اليڪشن ڪميشن بدديانت آهي، جيل ۾ وڃڻ ٿا ته اتي اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏين ٿا، سندن چونڊ نشان کي اليڪشن جي آمد تي کسيو ويو، فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن پشاور هائيڪورٽ پهچي وئي. تحريڪ انصاف اڳواڻ لطيف کوسا چيو ته اڪبر ايس بابر سندس ڪارڪن اڳيان بيهي نٿو سگهي، 13 ماڻهن هتي اچي ڪوڙ ڳالهايو، ڇا بلاول ڀٽو زرداري، نواز شريف ۽ آصف زرداري اڳيان ڪو بيهي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته اها ليول پليئنگ فيلڊ آهي جو هڪ پارٽي کي نشان مليو هو، رات جو ساڍي يارهين وڳي واپس ورتو ويو، فيصلي جي بنياد تي سندن عورتن ۽ اقليتي سيٽن کي اڏايو ويو. تحريڪ انصاف اڳواڻ لطيف کوسا چيو ته تحريڪ انصاف نظرياتي جي چيئرمين ساڻن گڏ صحي ڪئي، جنهن کي ٽي وي تي آڻي ڳالهرايو ويو ته سڀ ڪجهه جعلي آهي، اليڪشن ڪميشن چئي ٿي هڪ پارٽي وارو ٻي پارٽي جي ٽڪيٽ تي نٿو وڙهي سگهي هي ملڪ جي مجمهوريت ۾ ڪارو ڏينهن آهي. لطيف کوسا چيو ته 25 ڪروڙ عوام کي ووٽ جي حق کان محروم ڪيو ويو، کين اليڪشن ڪميشن تي ڪوبه اعتماد ناهي، اوهان 22 آڪٽوبر تي حڪمنامو جاري ڪيو هو، ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه ڪئي هئي. تحريڪ انصاف اڳواڻ لطيف کوسا چيو ته پي ٽي آءِ کان ليول پليئنگ فيلڊ کسي وئي آهي کين ڪو اعتماد ناهي، اليڪشن ۾ رٽرننگ آفيسرن وٽ وڃي ڪارو ڪوٽ ووٽ تي پهرو ڏيندو، ماڻهن جي دلين ۾ عزم ۽ حوصلو وڌائي رهيا آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
60%
1m/s
1%
خميس
20 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون