پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جمهوريت پسند سياستدان هر مسئلي جو حل اليڪشن ۾ ڏسندا آهن، هو نٿو سمجهي ته مولانا فضل الرحمان اليڪشن خلاف هوندو، پ پ چاهي ٿي ته جلد اليڪشن ٿئي ته جيئن هو عوام جي خدمت ڪري سگهن، ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي، اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو واعدو پورو ڪيو پيو وڃي.
بلاول ڀٽو زرداري جيڪب آباد پهچي ڳوٺ آدم خان پنهور ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير منظور پنهور جي لاڏاڻي تي پونيئرن سان عذرخواهي ڪئي.
پ پ چيئرمين مختيار ڪار روڊ تي جکراڻي هائوس تي پ پ اڳواڻ اعجاز جکراڻي ۽ ممتاز جکراڻيءَ سان سندن امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ ڪوئيٽا روڊ تي ابڙو هائوس پهچي اڳوڻي ايم پي ايم اسلم ابڙي سان سندس ڀاءُ اڪرم ابڙي ۽ شهريار ابڙي جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪيو.
تعزيتن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي هر وقت اليڪشن لاءِ تيار آهي، هو چاهن ٿا ته جلد چونڊون ٿين ته جيئن هو عوام جي خدتم ڪري سگهن.
هن چيو ته جيڪو به جمهوري سياستدان آهي اهو چوندو ته اليڪشن ٿئي، جموريت پسند سياستدان هر مسئلي جو حل اليڪشن ۾ ڏسندا آهن، پاڪستان جي عوام کي جلد ووٽ جو حق ملندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام چونڊيل نمائندن کي مينڊيٽ ڏيندو آهي، چونڊيل نمائندن وٽ وڃڻ عوام لاءِ سولو هوندو آهي.
پ پ چئيرمين چيو ته نگران حڪومت کي ڏکيائيون آهن، چونڊيل حڪومت هوندي ته اهڙيون ڏکيائيون نه هونيديون.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو نٿو سمجهي ته مولانا فضل الرحمان اليڪشن خلاف هوندو.
هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي، اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو واعدو پورو ڪيو پيو وڃي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺهرائي ڏنا ويندا، گهرن کي سولر سان به لنڪ ڪيو ويندو.
پ پ چيئرمين چيو ته پرڏيهي وزير طور هر فورم تي فلسطين جي نمائندگي ڪئي، پاڪستان جي عوام سدائين فلسطيني عوام جو ساٿ ڏنو آهي، فلسطين جو مسئلو سموري مسلمان امت جو معاملو آهي.