جهنڊو مري ويجهو نوجوان مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.ڳوٺ فضل چنڊ ۾ 25 سالن جي نديم چنڊ غربت کان تنگ اچي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان پرڻيل هو، غربت کان تنگ اچي هن زندگي جو انت آندو.پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد نوجوان جي موت جو اصل ڪارڻ معلوم ٿيندو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.