تازه ترين

جولاءِ مھيني ۾ او جي ڊي سي ايل جي تيل، گئس ۽ ايل پي جي جـي پئداوار ۾ واڌ رڪارڊ

آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جي پڌرائي موجب او جي ڊي سي ايل جي ڪاميابين ۾ کوھھ نم ايسٽ ھڪ جي ڪامياب پرفارمنس شامل آھي، نم ايسٽ ھڪ کوھھ ضلعي ٽنڊو الھيار ۾ آھي.

پڌرائي ۾ چيو ويو تھ نم ايسٽ ھڪ کوھھ مان 585 بيرل روزانو اضافي سان تيل حاصل ٿي رھيو آھي، جڏھن تھ نم ايسٽ ھڪ کوھھ مان 7.4 ملين ڪيوبڪ فٽ گئس جي پيداوار ٿي رھي آھي.

او جي ڊي سي ايل جي پڌرائي موجب نم ايسٽ ھڪ کوھھ مان 32 ميٽرڪ ٽن روزانو ايل پي جي جي اضافي پيداوار ٿي رھي آھي.

ان کانسواءِ پساکي آئل فيڊ حيدرآباد کان 1010 بيرل ڪچي تيل جي اضافي پيدا وار ٿي رھي آھي، جڏھن تھ ھن وقت کوھھ مان 1810 بيرل بي پي ڊي ڪچي تيل جي پيداوار حاصل ٿي رھي آھي.

او جي ڊي سي ايل جي پڌرائي ۾ چيو ويو تھ سانگھڙ ۾ چڪ 2-1 جي کوھھ مان روزانو 140 بيرل ڪچو تيل حاصل ٿي رھيو آھي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
28 %
3kmh
72 %
اڱارو
20 °
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
20 °

تازه ترين خبرون