- Advertisement -
ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالر جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو انشورنس سيڪٽر ۾ سڌارن ۽ انشورنس ڪوريج وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
اي ڊي بي موجب هن پروگرام جو مقصد انشورنس تحفظ جي خال کي گهٽائڻ ۽ خانگي شعبي جي شموليت کي هٿي ڏيڻ آهي. اداري چيو ته پاڪستان ۾ انشورنس جو ڪاٿو جي ڊي پي جي صرف ٻڙي ڏهائي 7 سيڪڙو جي برابر آهي.
بينڪ مطابق انشورنس ٽرانسفارميشن پروگرام مالياتي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو، جنهن سان معيشت جي جهٽڪن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت بهتر ٿيندي.
پروگرام تحت هارين، عورتن ۽ ڪمزور طبقن لاءِ خاص انشورنس مصنوعات متعارف ڪرايون وينديون، جڏهن ته قدرتي آفتن ۽ موسمي خطرن کان تحفظ لاءِ جديد انشورنس نظام کي هٿي ڏني ويندي.
اي ڊي بي ٻڌايو ته سيٽلائيٽ بيسڊ رسڪ اسيسمينٽ ۽ ڊجيٽل انشورنس سهولتون متعارف ڪرايون وينديون، جڏهن ته انشورنس ڪليمز نظام کي بهتر ڪري خدمتن تائين پهچ آسان بڻائي ويندي.
اداري موجب هي پروگرام ڊگهي مدي واري بچت، سيڙپڪاري ۽ انفراسٽرڪچر فنانسنگ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو، جڏهن ته پاڪستان جو انشورنس شعبو روايتي نظام مان نڪري جديد رسڪ بيسڊ ماڊل ڏانهن منتقل ٿيندو.
اي ڊي بي چيو ته سڌارن سان ملڪ ۾ مقابلي واري، جامع ۽ مضبوط انشورنس مارڪيٽ قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، قرض ذريعي بانڊ مارڪيٽ ۽ نجي پينشن پراڊڪٽس جي ترقي کي به هٿي ملندي.
بينڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايشيا ۽ بحرالڪاهل ۾ پائيدار ۽ جامع ترقي لاءِ ادارو سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي….- Advertisement -
