وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جوهر چورنگي وارو انڊر پاس 21 آگسٽ تي عوام لاءِ کولڻ جي هدايت ڪئي آهي.
مراد علي شاهه گلستان جوهر جو دورو ڪري چورنگي تي تعمير ٿيندڙ انڊر پاس جو معائنو ڪيو.
وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته انڊر پاس هڪ بلين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي، ان تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي.
بريفنگ ۾ چيو ويو ته انڊر پاس ارڙهن مهينن ۾ مڪمل ٿيندو، ان جي ڊيگهه 110 ميٽر ۽ ويڪر 18 ڏهائي 5 ميٽر آهي، پهلوان ڳوٺ طرف ويندڙ ريمپ جي ڊيگهه 848 ميٽر آهي، انڊر پاس ۾ خوبصورت ايل ايِ ڊي لائٽون نصب ڪيون ويون آهن.
ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته پ پ جي سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، هلندڙ اسڪيمن جي مڪمل ٿيڻ سان شهرين کي فائدو ٿيندو.
سيد مراد علي شاهه ڪراچيءَ جي ميئر کي 21 آگسٽ کان انڊر پاس عوام لاءِ کولڻ جي هدايت ڪئي آهي