تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

جيئي سنڌ قومي محاذ ڪارڪنن جي پارٽي آهي، ڪنهن جي خانداني وراثت ناهي، اليڪشن ٿيڻ گهرجي:ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته جيئي سنڌ قومي محاذ ڪارڪنن جي پارٽي آهي، ڪنهن جي خانداني وراثت ناهي، اليڪشن ٿيڻ گهرجي.

اڏيري لال ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، علي نواز خشڪ ۽ رجب خشڪ جي وفات تي سندس پونيئرن منٺار خشڪ ۽ رمضان خشڪ سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويٺو آهي، ارسا ۾ سنڌ جي نمائندگي نه هئڻ تي کين پريشاني آهي.

هن چيو ته ارسا ۾ چئني صوبن جا نمائندا هئڻ گهرجن، پر افسوس اهو حق صرف پنجاب کي حاصل آهي، سنڌو درياهه سنڌي قوم جو جياپو آهي، ان کي بچائڻ لاءِ سنڌي قوم کي مزاحمت ڪرڻي پوندي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ کي هميشه پاڻي جي معاملي ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي، گڏجي ڪا حڪمت عملي نه جوڙي وئي ته سنڌ پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپندي ۽ اهڙو عمل هرگز برداشت نه ڪيو ويندو.

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته بشير خان قريشي جي دور ۾ پارٽي وڌيڪ طاقتور ۽ منظم هئي، هن وقت پارٽي ۾ چونڊن جي سخت ضرورت آهي ته جيئن ڪارڪنن کي ووٽ جو حق به ملي ۽ پنهنجو اڳواڻ به چونڊي سگهن.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
10.4 ° C
10.4 °
10.4 °
52 %
1kmh
3 %
ڇنڇر
10 °
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °

تازه ترين خبرون