حڪومت وياج کان پاڪ مالياتو ڍانچو جوڙڻ لاءِ قدم کڻي: مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه  مولانا فضل الرحمان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي خط لکي وفاقي شرعي عدالت جي وياج واري نظام کي ختم ڪرڻ واري فيصلي خلاف مختلف بئنڪن جون اپيلون جلد اڪلائڻ جي درخواست ڪئي آهي. چيف جسٽس کي لکيل خط ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته وفاقي شرعي عدالت جي گذريل سال جي فيصلي ۾ مالياتي نظام کي پنجن ورهين اندر وياج کان پاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. هن چيو ته فيصلي خلاف مختلف بئنڪ طرفان داخل اپيلن کي جلد اڪلايو وڃي ته جيئن حڪومت وياج کان پاڪ مالياتو ڍانچو جوڙڻ لاءِ قدم کڻي. خط ۾ چيو ويو ته ختم نبوت بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو ساراهه جوڳو آهي، تفصيلي فيصلو جاري ڪرڻ سان سڀ مطمئن ٿي ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
26%
2.4m/s
0%
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
26 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون