تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

جيڪو به پي ٽي آءِ باني جو فيصلو هوندو، پارٽي ان تي عمل ڪندي: پي ٽِي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر

- Advertisement -
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهين بابت ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، تحريڪ انصاف حڪومت سان  ڳالهين کي جوڊيشل ڪميشن سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽِي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته جيڪو به پي ٽي آءِ باني جو فيصلو هوندو، پارٽي ان تي عمل ڪندي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته ڳالهيون شروع ڪرڻ ۾ حڪومت دير ڪئي، ڪميشن جوڙڻ واري معاملي ۾ به دير ڪئي وئي. هن چيو ته پي ٽِي آءِ باني جو جيڪو به فيصلو هوندو اهو ئي پارٽي جو فيصلو  آهي. بئريسٽر گوهر چيو ته 7 ڏينهن جو چيو هو، ڊيڊلائن ختم ٿيڻ بعد ڳالهيون به ختم ٿي ويون، حڪومت ڪميشن جو اعلان ڪري ته ڳالهيون ٻيهر شروع ٿينديون. هن چيو ته ست ڏينهن ختم ٿيڻ کانپوءِ ڳالهين جو سلسلو  باضابطا طور ختم ٿي چڪو آهي،  حڪومت کي گهرجي ته ڪميشن جو اعلان ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ ڏٺو ويندو. سندس چوڻ هو ته حڪومت ڪميشن جي ٽي آر اوز تي ويهڻ لاءِ چوي ته باني سان ڳالهايو ويندو. ٻئي پاسي حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي جو چوڻ هو ته هنن ڪڏهن به ناهي چيو ته جوڊيشل ڪميشن نه جوڙيندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن ڳالهيون ختم ڪرڻ وارو اعلان ڪري اسپيڪر ۽ ڪميٽي جي توهين ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وارن ڳالهين کي تماشو بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻي هو وڌيڪ ان تماشي جو حصو نه بڻجندا. عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ هن وقت تائين ڳالهيون ختم ڪرڻ بابت اسپيڪر کي باضابطا طور آگاهه ناهي ڪيو، ڳالهين واري ڪميٽي اڳ ئي 28 جنوري طلب ٿيل آهي. هن چيو ته  هڪ هفتي جو وقت پورو ٿيڻ تائين نه ڪو جواب ڏيندا ۽ نه وري ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويندو، هو اجلاس جي تاريخ تي ڳالهين لاءِ تيار ويٺل آهن. سندس چوڻ هو ته ڪميشن جو جواب ڳالهين دوران ڏنو ويندو، ڌمڪي يا بائيڪاٽ جو ائين جواب نه ڏنو ويندو. عرفان صديقي چيو ته هڪ طرف ڌمڪي ۽ ٻئي طرف سول نافرماني جي ٽويٽ به ڪئي وئي، وزيراعظم کي گاريون به ڏنيون ويون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
27 %
1.3kmh
10 %
خميس
24 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون