جيڪڏهن پ پ ڪراچي مان 20 قومي اسيمبليءَ جون سيٽون کٽيون ته شهر جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيندا: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن پ پ ڪراچي مان 20 قومي اسيمبليءَ جون سيٽون کٽيون ته شهر جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيندا. ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي ۾ ڪي پي ٽي گرائونڊ تي ريلي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪراچي جا ماڻهو سندس نمائندن جي چونڊ ڪرائيندا ته پوءِ مڪاني ادارن کانپوءِ صوبائي حڪومت به سندن هٿ ۾ هوندي، عوامي ووٽ سان وفاقي سرڪار به سندن ٿي ويندي. هن چيو ته ڪراچي جا شهري 20 سيٽون پ پ کي ڏيارين پوءِ پنجن سالن دوران شهر جو نقشو تبديل ڪيو ويندو، هو وفاق ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري ڪراچي شهر ۾ تاريخي ڪم ڪندا. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي صوبائي ڪابينا ۾ ڪراچي شهر کي سندن حق ڏنو ويندو ۽ گڏجي شهر جي خدمت ڪئي ويندي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  جيالا  ڪراچي واسين کي سمجهائين ته ورهائڻ ۽ نفرت جي سياست ڪندڙن کي ووٽ نه ڏين ڇو ته شهرين کي ڪو مذهب ته ڪو لسانيت جي بنياد تي ورهائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عوام 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻي سمورن عنصرن کي جواب ڏي ته نفرت ۽ تشدد جي سياست قبول ناهي. سندس چوڻ هو ته پ پ کانسواءِ ٻيون پارٽيون پنهنجي مقصد لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺي رهيون آهن. لياري ۾ پ پ جي ريلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لياري جو عوام وفادار ۽ بهادر آهي، عام چونڊن ۾ پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏيندو. هن چيو ته ٻيون سياسي پارٽيون ذاتي دشمني تي لهي آيون آهن، هو نفرت ۽ ورهائڻ  جي سياست ختم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. سندس چوڻ هو ته ٻيا سياستدان پوڙها ٿي چڪا آهن، ڪم نه ڪري سگهندا،8 فيبروري تي ڪراچي ۾ تيرن جي برسات ٿيندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انشاءَ الله صوبي ۽ وفاق ۾ پ پ جي حڪومت هوندي، ملڪ ۾ معاشي انقلاب آندو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
27%
1.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون