تازه ترين

جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين جوابدارن تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

- Advertisement -
جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين جوابدارن تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته ائين ڪو به نه ٿو چئي سگهي ته  9 مئي دوران جي ايڇ ڪيو تي حملو نه ڪيو ويو، جيڪڏهن جي ماڻهو ملوث ناهن ته ڪيس کي منهن ڏين. هن چيو ته عدالت کي درخواست آهي ته جوابدارن جو ضمانتون رد ڪيون وڃن، ڇاڪاڻ ته ضمانتن جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي، سمورن جوابدارن جي حاضري مڪمل ٿيڻ تائين فرد جرم لاڳو نٿو ٿي سگهي. اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته  جوابدار دير جا طريقا استعمال ڪري رهيا آهن، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي عدالت جيڪو به فيصلو ڪندي، هو ان موجب هلندا. عدالت فرم جرم جي ڪارروائي جوابدارن جي گهٽ حاضري سبب ملتوي ڪندي 2  ڊسمبر تائين جوابدارن کي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون