تازه ترين

جي يو آءِ جو امن مارچ  منزل طرف روان دوان آهي ،مختلف شهرن ۾  شاندار آجيان

جي يو آءِ جو امن مارچ  منزل طرف روان دوان آهي، مختلف شهرن ۾  شاندار آجيان ڪئي وئي، راشد محمود سومري جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ منشيات، ظلم ۽ چوريون معمول بڻجي چڪيون آھن، سنڌ جو نوجوان نسل تباھي جي ڪناري تي آھي، هو ھر شھري جي حفاظت ۽منشيات کان پاڪ سنڌ ڏسڻ چاھن ٿا.

فيض گنج ۾ جي يو آءِ جي امن مارچ جي شاندار آجيان ڪئي وئي.

مختلف هنڌن کان ٿيندو امن مارچ امن چودڳي پهتو، جتي ڪارڪنن قافلي مٿان گلن جي ورکا ڪئي.

ان موقعي تي راشد محمود سومري خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 15 ورهين کان ڦرلٽ ڪندڙ ٽولي کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته عوام هاڻي سڄاڳ ٿي چڪو آهي، زرداري ۽ سردار طبقي بدران جي يو آءِ جا ديندار اقتدار ۾ ايندا.

ان کان اڳ موري ۾ جمعيت علما السلام سنڌ جي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو قافلي سان گڏجي باءِ پاس تي پھتو، جتي شھرين ۽ پارٽي اڳواڻن مٿس گلن جي ورکا ڪري استقبال ڪيو.

بعد ۾ قافلو پريس ڪلب اڳيان پھتو جتي مولانا راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي خالد محمود سميت ڪيترائي شھيد لاشن جا تحفا ملندا رھيا آھن، سنڌ جو امن امان تمام خراب ٿيندو پيو وڃي، هو امن امان کي بحال ڪرڻ لاءِ نڪتا آھن.

هن چيو ته سندس والد هميشه سنڌ جي ماڻھن جي ڀلائي ۽ بھتري لاءِ پنھنجي زندگي قربان ڪئي آھي، هو به سندس ڏنل واٽ تي ھلي رھيا آھن.

موري کانپوءِ  جي يو آءِ جو امن مارچ نوشهري فيروز پهتو، جتي ڪارڪنن گلن جي ورکا ڪري آجيان ڪئي.

راشد محمود سومري خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 800 ماڻھو ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن ۽ معصوم نياڻي جا جنازا ڏنا پيا وڃن.

هن چيو ته سرڪاري ڪڻڪ خريداري ۾ 77 ڪروڙ ھڙپ ڪيا ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو ۽ واٺن کي پاس ڪيو ويو.

هن چيو ته  جي يو آءِ جي پليٽ فارم تان ٻوڏ ۾ عوام جي خدمت ڪئي.

راشد محمود سومري چيو ته پوليس واري کي گرفتار ڪرائڻ جو الزام لڳايو ويو، هن ٿاڻي تي ڪيس داخل ناھي ڪرايو، پر جلسي ۾ بدنظمي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

هن چيو ته پوليس اهلڪار ايم اين اي صاحب جو گن مين ھو، مخالفن کي امن مارچ ڏسي اٽيڪ نه اچي وڃي، هنن مھانگائي مارچ  ڪيو ۽نياڻي فاطمه ڦرڙو جو ڪيس کنيو، پهريام ايم اين اي بڻايو پوءِ کائن حساب ورتو وڃي، کين ڪوبه عوامي عهدو ناھي پوءِ حساب ڇاجو؟ ڇا بلاول ڀٽو جو مقابلو ڪرڻ جو حساب ٿا ورتو پيو وڃي، هو ڪنھن به ٽي وي چئنل تي مناظري لاءِ تيار آھي.

راشد محمود سومري چيو ته افغانين جي واپسي ايجنڊا ۾ شامل آھي، پڇڻ ٿو چاھي ته ڌارين کي ملڪيتون ڪنھن ڏنيون؟، ڌارين کي زمينون ڏنيون ويون، هو اقتدار ۾ اچي بنا فرق جي خدمت ڪندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون