تازه ترين

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته دهشتگردن خلاف طاقت استعمال ڪرڻ بدران معاملا سياستدانن حوالي ڪيا وڃن، بلوچستان ۾ اهڙي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي جو ڪجهه علائقن ۾ پاڪستان جو ترانو به نٿو پڙهي سگهجي ۽ جهنڊو به نٿو ڦڙڪائي سگهجي، اهڙي صورتحال ۾ کين قدم کڻڻ گهرجن، مخالف ڌر ۾ آهيون، پر ملڪ کي ضرورت پوڻ تي حاضر آهيون.

مولانا فضل الرحمان چيو ته دهشتگردي جي ذميواري افغانستان تي وجهڻ بدران پنهنجون ذميواريون ڏسڻ گهرجن، افغانستان نه پر اسان سرحدن تي ويٺا آهيون.

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خطاب ڪندي جي يو آءِ سربراهه چيو ته سندن هٿياربند فوج مٿان حملا ڪيا ويا، ادارن مٿان حملا ٿيا، ان تي ايوان غور نه ڪندو ته ٻيو ڪير ڪندو؟

مولانا فضل الرحمان چيو ته اهي صورتحال کي سنجيدگيءَ سان نه وٺي رهيا آهن، ٻنهي پاسي صورتحال جذباتي ٿي وئي آهي، هڪ ڌر ايترو اڳتي نڪري وئي آهي جو اليحدگي جون ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ ٻئي طرف طاقت ذريعي انهن کي منهن ڏيڻ رياست جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي، اهڙا بيان صورتحال کي وڌيڪ جذباتي بڻائيندا آهن، ٻنهي طرفن کان انتها تائين پهتل اهڙو عمل پاڪستان جي سلامتي تي سواليه نشان بڻجي وڃي ٿو.

هن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ اهڙي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي جو ڪجهه علائقن ۾ پاڪستان جو ترانو به نٿو پڙهي سگهجي ۽ جهنڊو به نٿو ڦڙڪائي سگهجي، اهڙي ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾ کين قدم کڻڻ گهرجن، حڪومت به ذميواري پوري ڪري، مخالف ڌر ۾ آهيون، پر ملڪ کي ضرورت پوڻ تي حاضر آهيون.

مولانا فضل الرحمان چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي، اتي ڪچي جي صورتحال مان سڀ واقف آهن، پر بلوچستان ۾ اسٽيٽ کي چئلينج ڪيو پيو وڃي، پارليامينٽ کي چيو وڃي ته اها اڳتي وڌي ۽ بلوچستان ۾ وڃي ماڻهن سان ڳالهيون ڪن.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
broken clouds
25.9 ° C
25.9 °
25.9 °
50 %
0.4kmh
66 %
آچر
26 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
22 °
خميس
24 °

تازه ترين خبرون