تازه ترين
تنگواڻيءَ ۾ جسقم ۽ جساف پاران ٺل واسي معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ  جي اجلاس دوران فاطمه ڦرڙو جي ڊي اين اي سيمپلن ۾ ٽيمپرنگ ٿ... سنڌ جي مختلف شھرن ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل پيسن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليم وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ ر... سکر ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڪوچ جي ڪلينر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ط... سنڌ هائيڪورٽ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت واري رقم جي واپسي باب...

جي ڊبليو سي پاران نينگري فاطمه ڦرڙو جو چاليهو 24 سيپٽمبر تي خانواهڻ ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

بي آوازن جو آواز ۽ لاوارثن جي وارث تنظيم جي ڊبليو سي راڻيپور جي پيراڻي حويليءَ ۾ زيادتيءَ بعد قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جو چاليهو 24 سيپٽمبر تي خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

جي ڊبليو سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ ٿيل اڳڀرائي، ٻارن ۽ هندو برادريءَ جي ماڻهن جي اغوا واري معاملي سميت سنڌ جي مجموعي معاشرتي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته جي ڊبليو سي بي آوازن جو آواز ۽ لاوارثن جي وارث بڻجي هر مظلوم سان گڏ بيٺي آهي، نينگري فاطمه ڦرڙو جي زيادتيءَ بعد قتل کانپوءِ سڀ کان پهرين جي ڊبليو سي ئي اِن معاملي تي آواز اٿاري سمورن ملوث ڪردارن کي وائکو ڪيو.

جي ڊبليو سي فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي، سنڌ جي ٻيو نمبر وڏي شهر حيدرآباد، خيرپور، خانواهڻ ۽ قاضي احمد ۾ وڏا احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، جن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جاڳرتا جي نئين دور ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ سنڌ جي عوام جي ڊبليو سي جي جاڳرتا واري جدوجهد کي ڀرپور موٽ ڏني آهي.

اجلاس ۾ فاطمه ڦرڙو سان خون سان انصاف لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو فيصلو ڪندي طئه ڪيو ويو ته 24 سيپٽمبر آچر ڏينهن شهيد نياڻيءَ جو چاليهو جي ڊبليو سي پاران خانواهڻ ڀرسان سندس ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ ڪيو ويندو.

اِن سلسلي ۾ چاليهي جي موقعي تي هڪ وڏو ميڙ پڻ ڪيو ويندو، جنهن لاءِ سنڌ جي ساڃاهه وندن، ليکڪن، شاعرن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن سميت سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن توڙي عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن  کي دعوت ڏني ويندي.

جي ڊبليو سي طرفان سمورين ڌرين کي اپيل ڪئي وئي ته اُهي 24 سيپٽمبر تي خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ فاطمه ڦرڙو جي چاليهي تي رٿيل تقريبن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪري شهيد نياڻيءَ جي وارثن کي لاوارث ٿيڻ کان بچايو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
7 %
3.4kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون