- Advertisement -
پ پ جي سيڪريٽري اطلاعات شازيا مري چيو آهي ته جي ڊي ايَ وارا پنهنجي ٻولي سڌارن نه ته کين ان ئي ٻوليءَ ۾ جواب ڏيڻ به ايندو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري چيو ته 8 فيبروري تي چونڊن ۾ سنڌ جي عوام پ پ مخالفن کي شڪست ڏني، جي ڊي اي وارا رڳو چونڊن ۾ ظاهر ٿيندا آهن.
هن چيو ته غنڊاگردي ۽ مختلف سازشن باوجود عوام پنهنجو فيصلو پ پ جي حق ۾ ڏنو، خيرپور جي عوام صدر الدين شاهه راشديءَ کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست ڏني.
شازيا مري چيو ته صدر الدين شاهه پنهنجي تقرير ۾ ڪنهن کان مدد گهري رهيو آهي؟ هن ملڪ جو وارث عوام آهي، اها ڳالهه جي ڊي ايَ کي سمجهڻي پوندي، پيرپاڳاري جي مريدن به پ پ کي ووٽ ڏنو، انهن جا هو ٿورائتا آهن.- Advertisement -
