- Advertisement -
آمريڪا، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه جنگبندي جي حق ۾ الجزائر طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ ويٽو ڪري ڇڏيو.
سلامتي ڪائونسل جي 15 ميمبرن مان 13 ميمبرن ٺهراءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته برطانيا عير حاضر رهيو.
الجزائر غزه ۾ انساني بنيادن تي فوري جنگ بندي جو ٺهراءُ پيش ڪيو هو، امريڪا لاڳيتو ٽيون ڀيرو عزه ۾ جنگ بندي جي قرار داد کي ويٽو ڪيو آهي.
امريڪا گڏيل قومن ۾ غزه اندر عارضي جنگ بندي تي زور ڏيندي پينهنجي ٺهراءَ ۾ چيو آهي ته الجزائر جي تجويز ڪيل قرارداد جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهين کي خطري ۾ وجهندي..
گڏيل قومن ۾ مقرر امريڪي سفير جو چوڻ هو ته فوري جنگ بندي ڪرڻ جو هي صحيح وقت نه آهي ڇاڪاڻ ته اسرائيل ۽ حماس ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن.
امريڪا طرفان تجويز ڪيل ٺهراءَ جي مسودي ۾ “ جيئن ئي ممڪن ٿئي“ عارضي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ قيدين کي آزاد ڪرڻ جي شرط ۽ غزه ۾ امداد پهچائڻ جي رستي ۾ آيل رنڊڪ کي به ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.- Advertisement -
