تازه ترين

حب ويجهو ٺٽي واسين جي ٽرڪ سان حادثو، 18 ڄڻا فوت،52 زخمي

- Advertisement -
حب ڀرسان درگاهه شاهه نوراني جي پانڌيئڙن جي ٽرڪ سان حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جي 15 ڀاتين سميت  18 ڄڻن جا لاش اجتماعي قبر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا. عيان پير ويجهو ٺٽي واسي درگاهه شاهه نوراني جي پانڌيئڙن جي ٽرڪ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي. حادثي جي نتيجي ۾ 18 پانڌيئڙا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته 52 ماڻهو زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو. فوتين ۾ صاحب ڏنو جوکيو، سندس 2 پٽ سهراب، مشتاق، سندس ڀائٽيو غلام نبي جوکيو، سندس ڀاءُ ديني جوکيو، امام الدين، امين، پيارو، محرم علي، امين سميت هڪ ئي ڪٽنب جا 15 ڀارتي شامل آهن. فوتين جا لاش مڪلي ويجهو ڳوٺ قاسم جوکيو  آڻڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو. فوتين جي جنازي نماز ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت سوين شهرين شرڪت ڪئي. فوتين کي ڳوٺ قاسم جوکيو ۾ اجتماعي طور مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه ڳوٺ قاسم جوکيو ۾ فوتين جي ٻارڙن سان به ملاقات ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار فوتين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار فوتين جي وارثن ۽ زخمين جي ڀرپور سار سنڀال ڪندي. پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي ڄام اويس گهرام جوکيو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته واقعي سبب علائقي ۾ سوڳ جي صورتحال آهي. هنن چيو ته حادثي بابت في الحال ڪجهه چوڻ ممڪن ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
45 %
1.8kmh
0 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون