حضرت امام حسين عليه السلام جي چاليهي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ سڀاڻي اسڪول بند رهندا.
صوبائي حڪومت جي اعلان موجب، راڄڌاني ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ سرڪاري ۽ خانگي اسڪول بند رهندا.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تعليمي ادارن جي بندش جو فيصلو صوبائي تعليم کاتي جي سٽيئرنگ ڪميٽي ڪيو آهي.
حضرت امام حسين عليه السلام جي چاليهي جي موقعي تي سڪيورٽي جي سخت انتظامن کي به يقيني بڻايو ويندو.