آمريڪي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته غزه ۾ يرغمالين جي آزادي لاءِ آمريڪي حڪومت فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس سان ڳجهو رابطو ڪيو آهي، حماس طرفان سڌيءَ ريت ڳالهين جي تصديق ڪئي وئي.
آمريڪي ميڊيا دعوى ڪئي ته ڊونلڊ ٽرمپ انتظاميا دوحه ۾ حماس سان سڌيءَ ريت ڳالهيون ٿيون آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب، ٽرمپ انتظاميا غزه ۾ يرغمال بڻيل امريڪي شهرين جي آزادي لاءِ حماس سان ڳجهيون ڳالهيون ڪيون آهن.
رائٽرز موجب ٽرمو جو خاص ايلچي ايڊم بوهلر گذريل ڪجهه هفتن کان دوحه ۾ حماس سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي.
ذريعن موجب ٽرمپ انتظاميه حماس سان سڌي ريت ڳالهين جي حوالي سان اسرائيل سان صلاح مشورا ڪيا هئا پر اسرائيل کي ڳالهين جا تفصيل ٻين ذريعن کان معلوم ٿيا.
ٻئي پاسي فلسطيني جي مزاحمتي تنظيم حماس يرغمالين جي آزادي لاءِ امريڪا سان سڌيءَ ريت ڳالهين جي تصديق ڪئي آهي.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، حماس جي هڪ عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ درخواست تي ٻڌايو ته يرغمالين جي آزادي لاءِ هڪ امريڪي ايلچي سان سڌيءَ ريت ڳالهيون ڪيون آهن.
حماس عهديدار ٻڌايو ته امريڪي ايلچي سان امريڪي شهريت رکندڙ اسرائيلي قيدين بابت ڳالهيون ٿيون، حماس ۽ مختلف امريڪي مواصلاتي چينلن جي وچ ۾ به ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ٿيون.
هڪ ٻئي سينيئر حماس عهديدار چيو ته تازن ڏينهن ۾ دوحه ۾ حماس ۽ امريڪي عملدارن وچ ۾ 2 ڀيرا سڌيءَ ريت ملاقاتون به ٿي چڪيون آهن.