غزا جنگبندي جي معاهدي جي ٻئي مرحلي تحت حماس وڌيڪ چئن اسرائيلي عورتن ۽ اسرائيل 200 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو.
اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي معاهدي تي عمل جاري آهي.
عرب ميڊيا موجب حماس جنگبندي معاهدي تحت چئن اسرائيلي عورتن کي آزاد ڪري ڇڏيو.
آزادي بعد اسرائيل پهچندڙ چئن عورتن جي پنهنجن پيارن سان ملاقات وقت جذباتي منظر ڏٺا ويا، آزاد ٿيل اسرائيلي عورتن ۾ ليري ايلباع، ناما ليوي، ڊينيلا گلبواهه ۽ ڪرينه شامل آهن.
اسرائيل سان معاهدي تحت حماس وردي پهريل چئن اسرائيلي عورت فوجي اهلڪارن کي ريڊ ڪراس حوالي ڪيو.
اسرائيلي يرغمالين جي عيوض اسرائيلي جيلن مان 200 فسلطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي.
اسرائيلي عملدارن جي منظوري بعد سمورن فلسطينين کي اوفر ۽ ڪٽيوٽ جيلن مان آزاد ڪيو ويو.
اسرائيل طرفان آزاد ڪيل فلسطيني قيدين جو اولهه ڪناري تي پرجوش آڌرڀاءُ ڪيو ويو.
قطر، آمريڪا ۽ مصر جي ٽياڪڙي ۾ حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي معاهدو طئه ٿيو، جنهن تحت غزا ۾ پندرهن مهينن کان هلندڙ جنگ بند ٿي.
پرڏيهي ميڊيا موجب غزا جنگبندي معاهدي تحت هر اسرائيلي فوجي بدلي 50 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويندو.
حماس چئن اسرائيلي عورتن ۽ اسرائيل 200 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9
°
C
10.9
°
10.9
°
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


