- Advertisement -
وڪيلن جي احتجاج رنگ لاتو، سنڌ حڪومت ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار کي موڪل ڏئي ڇڏي.
باءِ پاس تي لڳل ڌرڻو ٽئين ڏينھن ختم ڪيو ويو، ٽريفڪ بحال ٿيڻ بعد مسافر منزلن طرف روانا ٿي ويا آهن.
ايس ايس پي کي ذاتي مصروفيتن جو سبب ڄاڻائي موڪل تي روانو ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
چارج ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان حوالي ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي جي بدلي کانپوءِ سنڌ هائيڪورٽ بار ڪراچي پاران هڙتال جو سڏ واپس ورتو ويو آهي.- Advertisement -
