حيدرآباد ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ مقامي انتظاميا ملاوٽ وارو کير وڪرو ڪندڙن خلاف گڏيل ڪارروائي ڪري هڪ دڪاندار کي گرفتار ۽ دڪان سيل ڪرڻ سميت ٻن دڪاندارن تي 70 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو.
سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ مقامي انتظاميا ڊپٽي ڊائريڪٽر فدا حسين کوسو، اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد عبدالواحد چنا ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مهوش اعجاز جي نگراني ۾ قاسم آباد واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي.
ڪارروائي دوران ڪيترين ئي ڊيريز جو معائنو ڪيو ويو.
ڪارروائي دوران ناگوري ڊيري کي سيل ڪري سندس مالڪ جهانزيب کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ ملڪ ڊيري جو 50 ليٽر کير ضايع ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو.
صفائي سٿرائي جي خراب صورتحال تي شاهين ڊيري تي 20 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي.
ڊپٽي ڊائريڪٽر فدا حسين کوسي جو چوڻ آهي ته ملاوٽ وارو کير وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جاري رکي ويندي.