حيدرآباد ۾ ملت ايڪسپريس ۾ عورت مسافر تي تشدد ڪندڙ ريلوي پوليس اھلڪار کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ملت ايڪسپريس ۾ عورت کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جو آءِ جي سنڌ ريلوي پاران سخت نوٽيس وٺڻ بعد تشدد ۾ ملوث ريلوي پوليس اھلڪار مير حسن کي حيدرآباد ريلوي پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.
گرفتار ٿيل مير حسن خلاف ريلوي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.
عبدالله شيخ جو چوڻ آھي ته عورت مسافر تي تشدد ڪندڙ ريلوي پوليس اھلڪار مير حسن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، اھلڪار ڪنھن به رعايت جو مستحق ناھي، سندس خلاف قانوني ڪارروائي کانسواءِ کاتي واري ڪارروائي به ڪئي ويندي.