تازه ترين

حيدرآباد: ڪارونجهر جبل جون ليزونرد ۽  قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ڪارونجهر جبل جون سموريون ليزون 12 ڪلاڪن ۾ رد ڪري قبضا ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ ننگر پارڪر جي ثقافتي ماڳ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ ليزن بابت ٻڌڻي ٿي.

درخواست ڏيندڙ ۽ سندس وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.

درخواست گذار جي وڪيل عشرت لوهار چيو ته ڪارونجهر جبل تاريخي ۽ مذهبي عبادت گاهه جو مرڪز آهي، تاريخي ماڳ جي ليز ۽ ڪٽائي ڪرڻ خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي.

عدالت سنڌحڪومت جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان لکت ۾ ڪارونجهر جبل جي ليز ڪينسل ڪئي آهي، جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته صرف پبلڪ نوٽيس ڪڍيو ويو آهي.

عدالت ڪارونجهر جبل جون سموريون ليزون 12 ڪلاڪن ۾ رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪارونجهر جبل جي ننڍڙي پٿر کان 2 ڪلوميٽر پري تائين ڪوبه جبل ڪٽيندڙ ماڻهو يا ڪمپني نظر نه اچي.

عدالت ڪارونجهر جبل تان قبضا ختم ڪرائي سڀاڻي تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو..

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
27 %
4.9kmh
10 %
سُومر
26 °
اڱارو
25 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون