تازه ترين
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني رياست جي قيام ۽ اسرائيل کان والاريل فلسطيني علائقن مان نڪرڻ جو مطا... وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان رياض ۾ ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاق... وزيراعظم شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل خطي جي سلامتي ۽ سڪيورٽي داءَ تي لڳائي ڇڏي:اسحاق ڊ... ڏکڻ ڪوريا جي صدر ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو ميرپورخاص جي عدالت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ ٻن مک جوابدارن جون ضمانتون رد پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو سلسلو برقرار، هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 4 هزار 225 پوائنٽس جي حد پار ڪري ... شدت پسندي ۽ انتهاپسندي پي ٽي آءِ جي عادت رهي آهي: ناصر شاهه ڪي اليڪٽرڪ بجليءَ جا بل ادا نه ڪرڻ تي پاڪستان ريلوي جي بجلي ڪٽڻ شروع ڪري ڇڏي هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير ۾ معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي : بلاول ڀٽو زرداري

حيدرآباد: ڪارونجهر جبل جون ليزونرد ۽  قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ڪارونجهر جبل جون سموريون ليزون 12 ڪلاڪن ۾ رد ڪري قبضا ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو  حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ ننگر پارڪر جي ثقافتي ماڳ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ ليزن بابت ٻڌڻي ٿي.

درخواست ڏيندڙ ۽ سندس وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.

درخواست گذار جي وڪيل عشرت لوهار چيو ته ڪارونجهر جبل تاريخي ۽ مذهبي عبادت گاهه جو مرڪز آهي، تاريخي ماڳ جي ليز ۽ ڪٽائي ڪرڻ خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي.

عدالت سنڌحڪومت جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان لکت ۾ ڪارونجهر جبل جي ليز ڪينسل ڪئي آهي، جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته صرف پبلڪ نوٽيس ڪڍيو ويو آهي.

عدالت ڪارونجهر جبل جون سموريون ليزون 12 ڪلاڪن ۾ رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪارونجهر جبل جي ننڍڙي پٿر کان 2 ڪلوميٽر پري تائين ڪوبه جبل ڪٽيندڙ ماڻهو يا ڪمپني نظر نه اچي.

عدالت ڪارونجهر جبل تان قبضا ختم ڪرائي سڀاڻي تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
6.4 ° C
6.4 °
6.4 °
55 %
2.4kmh
0 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
14 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون