تازه ترين

حيدرآباد ۾ جنوني شخص هٿان قتل ٿيل قانون جي شاگردياڻي يسرا جو ڀاءُ آڪاش پٺاڻ به فوت

حيدرآباد ۾ جنوني شخص هٿان قتل ٿيل قانون جي شاگردياڻي يسرا جو ڀاءُ آڪاش پٺاڻ به زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو آهي.

7 مارچ تي قاسم آباد واري علائقي واڌو واهه روڊ تي ڪار سوار جوابدار ارشاد کوکر، موٽرسائيڪل تي ويندڙ يسرا پٺاڻ کي گوليون هڻي قتل ۽ سندس ڀاءُ آڪاش کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو هو.

جوابدار ارشاد کوکر يسرا پٺاڻ کي قتل ۽ سندس ڀاءُ کي زخمي ڪرڻ بعد پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو هو.

زخمي آڪاش پٺاڻ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد آڪاش پٺاڻ جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

آڪاش پٺاڻ جي موت جو اطلاع ملڻ بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

ڪجهه ڏينهن اڳ شاگردياڻي يسرا بتول جي ڀاءُ عمير پٺاڻ نسيم نگر ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو هو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون