سنڌ هائيڪورٽ ۾ قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي امڪاني طور خانگائڻ خلاف درخواست داخل

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ، پي آءِ اي کي امڪاني طور خانگائڻ خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت، سول ايوي ايشن، پي آءِ ايَ، نجڪاري ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان 3 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي امڪاني طور خانگائڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي. جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته درخواست ڏيندڙ  پي آءِ ايَ کي خانگائڻ خلاف ڇو آهي؟ درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته بنيادي طور تي اها ترميم ڪمپنيز ايڪٽ سان ٽڪراءُ ۾ آهي، جڏهن قانون ۾ ترميم ئي غلط آهي ته پي آءِ ايَ کي ڪيئن خانگائي سگهجي ٿو. وڪيل چيو ته پي آءِ ايَ سرڪاري ملڪيت ناهي رهي، شيئرز اڳ ئي وڪرو ٿي چڪا آهن. جسٽس عقيل احمد چيو ته پي آءِ اي پرائيويٽ ٿي چڪي آهي ته يونين کي ڪهڙو فرق پوي ٿو ان جو ڪو به مالڪ بڻجي وئي. وفاقي حڪومت، سول ايوي ايشن، پي آءِ ايَ، نجڪاري ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان 3 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
38%
1.7m/s
0%
سُومر
23 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون