تازه ترين

حيدرآباد ۾ پوليس مختلف ڪاررواين دوران 5 منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب ۽ چرس هٿ ڪري ورتو

- Advertisement -
حيدرآباد ۾ پوليس مختلف ڪاررواين دوران 5 منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب ۽ چرس هٿ ڪري ورتو آهي. حيدرآباد پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايتن تي منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون جاري آهن، ڦليلي ۽ پڃياري پوليس 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان موجب، ڦليلي پوليس جڙيل شاھ قبرستان ۽ ڪنڀار پاڙي ۾ ڪارروايون ڪري ڪچي شراب جي سپلاءِ ناڪام بڻائيندي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو. ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ بلال عباسي، نور محمد عرف نورو ۽ آصف رند شامل آھن جن وٽان وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب ھٿ ڪيو ويو. ٻئي پاسي پڃياري پوليس پڻ منشيات وڪرو ڪندڙ سميت ٻه جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن. پوليس موجب، ڪارروائي دوارن منشيات سپلاءِ ڪندڙ عمر فاروق عرف گوپي آرائين کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس ترجمان موجب، جوابدار چرس سپلاءِ ڪرڻ وڃي رهيو هو جنهن دوران کيس گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. هوڏانهن پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي چوري ٿيل لوڊر هٿ ڪري هڪ ڄڻي عبدالرحمان يوسفزئي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب، شروعاتي جاچ ۾ جوابدار ٻين وارداتن ۾ ملوث هئڻ جو پڻ اعتراف ڪيو آهي، کائنس وڌيڪ پڇا ڳاچا ڪئي پئي وڃي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
38 %
4kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون