حڪومت اسلام آباد ۾ وڳوڙ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي لاءِ گهرو وزير جي سربراهي ٽاسڪ فورس قائم ڪري ورتي، وزيراعظم شهبازشريف جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي نه پر فتنو آهي، هيءَ وفاق تي چوٿين ڪاهه هئي، جٿن خلاف ڪيس داخل ڪرايا وڃن ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ته ٻيهر ڪڏهن به ائين نه ٿئي، .
اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس جي جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته وزيراعظم اسلام آباد ۾ وڳوڙ ڪندڙن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ سندن خلاف اثرائتي ڪارروائي لاءِ گهرو وزير محسن نقوي جي سربراهيءَ ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ورتي.
اها ٽاسڪ فورس يقيني بڻائيندي ته 24 نومبر تي ڏڦيڙ پکيڙڻ ۾ ملوث هٿياربندن ۽ پرتشدد واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي.
پڌرنامي موجب وزيراعظم مستقبل ۾ وڳوڙ ڪرڻ لاءِ رِئوٽس فورس بڻائڻ جو فيصلو ڪيو
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسلام آباد تي ڪاهه ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري انجام تائين پهچايو وڃي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ته ٻيهر ڪڏهن به ائين نه ٿئي.
هن چيو ته پاڪستان کي تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، خيبرپختونخوا مان سازشون ٿي رهيون آهن، هنن کي معيشت جي ڪا به پرواهه ناهي.
وزيراعظم چيو ته ڪي پي حڪومت جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ته هر شيءِ کي تباهه ڪيو وڃي، صوبائي حڪومت پارا چنار طرف ڪو به ڌيان نه پئي ڏي، هنن ڪرم ۾ رتوڇاڻ بند ڪرائڻ بدران اسلام آباد تي ڪاهه ڪئي.
شهبازشريف چيو ته پي ٽي آءِ طرفان وفاق تي اها چوٿين لشڪر ڪشي هئي، احتجاج ڪندڙن گوليون هلايون، هنن جي هوڏ سبب سي پيڪ کي اربين رپين جي سيڙپڪاري ملتوي ٿي.
وزيراعظم چيو ته ايس سي او ڪانفرنس دوران به هنن چڙهائي ڪئي، بيلاروس جي صدر دوران هنن احتجاج ڪيو.
شهبازشريف چيو ته دنيا ۾ ملڪ جهڙي نموني خوار ڪيو ويو اهو بيان ڪرڻ جوڳو ناهي، جيڪو تماشو ڪيو ويو، ان جو مثال نه ٿو مليَ، ان کان وڌيڪ پاڪستان ڪهڙي دشمني ٿي سگهي ٿي.