حڪومت بجلي بلن ۾ رليف لاءِ آءِ ايم ايف سان رابطو ڪيو، عالمي مالياتي فنڊ بلن ۾ رليف لاءِ لکت ۾ پلان طلب ڪري ورتو آهي.
ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر عالمي مالياتي فنڊ کي ڳرن بلن ۾ گهٽتائي جون تجويزون پيش ڪيو.
ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف عملدارن وچ ۾ ورچوئل رابطو ٿيو، ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر آءِ ايم ايف جي عملدار ايسٽر پيريز سان رابطو ڪيو.
شمشاد اختر آءِ ايم ايف کي بجلي جي بلن ۾ اضافي بعد واري صورتحال بابت آگاهه ڪيو ۽ بلن ۾ رليف لاءِ ڪجهه تجويزون پيش ڪيون.
آءِ ايم ايف بجلي جي بلن ۾ رليف لاءِ پاڪڪستان جي موقف تي بريفنگ ورتي ۽ بلن ۾ رليف لاءِ لکت ۾ پلان طلب ڪري ورتو آهي