حڪومت تيل جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ ڪري ڇڏي، پيٽرول جي قيمت ۾ 40 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في لٽر لاٿ ڪئي آهي.
ناڻي واري وفاقي وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ 40 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي جنهن بعد نئين قيمت 283 رپيا 83 پئسا في لٽر ٿي وئي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا گهٽتائي ڪرڻ بعد ڊيزل جي نئين قيمت 303 روپيا 18 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، گاسليٽ 22 رپيا 69 پئسا في لٽر سستو ٿيڻ بعد نئين قيمت 214 رپيا 85 رپيا ٿي وئي.
تيل جون نيون قيمتون لاڳو ڪيون ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول تي في لٽر 60 رپيا ليوي ۽ 22 رپيا ڪسٽمز ڊيوٽي برقرار رکي وئي آهي.
ذريعن موجب، هاءِ اسپيڊ ڊيزلتي في لٽر 50 رپيا ليوي ۽ 23 رپيا ڪسٽمز ڊيوٽي برقرار آهي.