تازه ترين

پاڪستان غزا ۾ فوري جنگ بندي ۽ ناڪابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان غزا ۾ فوري جنگ بندي ۽ ناڪابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،  نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي غزا ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان تي ڳڻتي آهي، فلسطين جي عوام سان ٻڌي لاءِ گڏ بيٺل آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته اسرائيل پاران غزا ۾ شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ مذمت جوڳو عمل آهي، معصوم شهرين کي بڻانو بڻائڻ تهذيبي اصولن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي غزا تائين امدادي سامان جي پهچ لاءِ راهداري کولڻ گهرجي، هو غزا جي بگڙجندڙ صورتحال تي او آءِ سي ۽ ميمبرن ملڪن سان رابطي ۾ آهن. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران پرڏيهي وزير 18 آڪٽوبر تي او آءِ سي جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ غزا جي عوام جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ تي زور ڀريندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
28 %
2.2kmh
54 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون