وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پندرهن ورهين جو حساب ڏيڻ لاءِ هو تيار آهن، هو عوام وٽ وڃي ٻيهر سرخرو ٿي ايندا، حڪومت جا پنج سال ڏکيا گذريا، سنڌ اسيمبلي ۽ حڪومت کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو، پي ٽي آءِ سرڪار سنڌ حڪومت خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون، اسپيڪر جيل جون سختيون برداشت ڪيون، ڪورونا وبا ۽ ٻوڏ جهڙا چئلينجن جو ڄمي مقابلو ڪيو، اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري اڄ ئي گورنر ڏانهن موڪلي ويندي، هو ٽن مهينن لاءِ موڪل تي وڃي رهيا آهن، واپس اچي عوام خدمت ڪندا.
سنڌ اسيمبلي جي الوداعي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هڪ ڏينهن اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ تي هو ايوان کان معذرت ڪري ٿو، سنڌ اسيمبلي تاريخي اسيمبلي آهي.
هن چيو ته پنج سال آسان نه هئا، پي ٽي آءِ سرڪار سنڌ حڪومت خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون، اسپيڪر جيل جون سختيون برداشت ڪيون، پر همٿ نه هاري.
وڏي وزير چيو ته پنجن ورهين دورا رڪارڊ قانونسازي ڪئي، ڪورونا وبا ۽ برساتي ٻوڏ دوران چئلينجن جو ڄمي مقابلو ڪيو.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي اسپتالن جو ڪو به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، هو پندرهن ورهين جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهن، عوام ۾ وڃڻ لاءِ به تيار آهن.
هن چيو ته ٿر ۾ ترقي ٿي، شهرن ۾ روڊ ۽ انڊر پاس ٺهيا، ڪڪري گرائونڊ، پيپلز اسڪوئر سميت ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، هو ٽن مهينن لاءِ وڃي رهيا آهن، واپس اچي عوام جي خدمت ڪندا.
وڏي وزير چيو ته هنن عوام جي بهتر خدمت ڪئي، هو وري سرخرو ٿي ٻيهر ايوان ۾ ايندا