تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وزيراعظم جي سفارش نظرانداز، پيٽرول 4 رپيا 74 پيسا ۽ ڊيزل 3 رپيا 86 پيسا في لٽر سستو

- Advertisement -
ناڻي واري وزارت، وزيراعظم شهباز شريف جون سفارشون نظرانداز ڪري ڇڏيون، پيٽرول 4 رپيا 74 پيسا ۽ ڊيزل 3 رپيا 86 پيسا في لٽر سستو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ناڻي واري وزارت طرفان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب پهرين جون کان پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 74 پئسا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 268 رپيا 36 پئسا في لٽر ٿي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 86 پئسا في لٽر گهٽتائي کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 270 رپيا 22 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت گاسليٽ به هڪ رپيو 87 پئسا في لٽر سستو ڪري ڇڏيو ، جنهن کانپوءِ نئون اگهه 171 رپيا 61 پئسا في لٽر ٿي ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب لائيٽ ڊيزل آئل 3 رپيا 88 پئسا في ليٽر سستو ٿيڻ کانپوءِ 157 رپيا 29 پئسا في لٽر ٿي ويو آهي. قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي 60 رپيا في ليٽر برقرار رهندي. واضح رهي ته ان کان اڳ وزيراعظم آفيس پيٽرول جي قيمت ۾ 15 رپيا 40 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 90 پئسا گهٽتائي جي سفارش ڪئي هئي جڏهن ته ناڻي واري وزارت وزيراعظم آفيس جي هدايتن جي ابتڙ پيٽرول جي 4 رپيا 74 پئسا ۽ ڊيزل 3 رپيا 86 پيسا في ليٽر سستو ڪرڻ جو اعلان ڪيو…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون