تازه ترين

حڪومت جي اعليٰ سطحي ٽيم ٻيڙي حادثي جي جاچ لاءِ مراڪش رواني ٿي وئي

حڪومت جي اعليٰ سطحي ٽيم ٻيڙي حادثي جي جاچ لاءِ مراڪش رواني ٿي وئي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف مراڪش ٻيڙي حادثي جي اعليٰ سطحي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي جيڪا مراڪش رواني ٿي وئي.

ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري سلمان چوڌري جاچ ڪميٽي جو سربراهه آهي، ايف آءِ اي پنجاب جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر نارٿ منير مسعود مارٿ به ٽيم ۾ شامل آهي.

ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته چار رڪني جاچ ڪميٽي ۾ پرڏيهي آفيس ۽ آءِ بي جو هڪ هڪ آفيسر به حصو آهن.

ذريعن موجب، چار رڪني جاچ ٽيم 2 کان 4 ڏينهن مراڪش ۾ ترسندي.

ٽيم ٻيڙي حادثي ۾ بچي ويل پاڪستانين سان ملاقات ڪري پاڪستانين تي تشدد ۽ قتل جي جاچ ڪندي.

2 ڏينهن اڳ ڏکڻ آفريڪا رستي غيرقانوني طور اسپين ويندڙ پناهگيرن جي ٻيڙي مراڪش ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 44 پاڪستانين سميت 50 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون